اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ڪابينا اجلاس جي آغاز تي ميمبرن وزيراعظم کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو جهڙي طرح هن شاندار قيادت جي ذريعي مشڪلاتن ۾ گهيريل ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو ۽ ڪووڊ 19 کي منهن ڏيڻ ۾ وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان قابل تقليد ڪردار ادا ڪيو ۽ گڏيل قومن ۾ وزيراعظم نهايت جرائتمنداڻي انداز ۾ ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو، ڪابينا اجلاس ۾ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽر?? جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني وئي، ڪجهه ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽريز کي تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جنهن جا تفصيل جلد جاري ڪيا ويندا، ??ينشن ۽ حج فنڊ قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، وفاقي ڪابينا پي ٽي وي ملازمن لاءِ لازم?? سروسز ايڪٽ 1953ع جي نفاذ جي منظوري ڏني، نواز شريف جي دو?? ۾ اهليت ۽ قابليت جي معيار صرف ??رٻ??ري هئڻ هو، نواز شريف جي قابليت پارليامينٽ ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ عوام کي انڌيري ۾ رکڻ جي هئي، ملڪ لاءِ هر ايندڙ سٺي خبر مخالف ڌر لاءِ بري خبر هوندي هئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ دو??ان ڪيو.