اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪشميرين جي حمايت ۽ ڀارتي ڏاڍ ۽ استحصال جي خ??اف جرئتمنداڻو آواز بلند ڪرڻ تي ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ??ه آئون 8 آگسٽ تي ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد پاران ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدم کي اجاگر ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃان ٿو. ڊاڪٽر مهاتير محمد ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ به گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ گذريل سال پنهنجي خطاب جو دفاع ڪندي چيو ته ڀارت جي ردعمل ۽ پام آئل جي درآمد متاثر ٿيڻ جي باوجود هو ڀارت جي قدمن جي خ??اف ڳالهه ڪندو ۽ ڀارت جي ناانصافي ??ي آواز بلند ڪرڻ جي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ کيس ڀارت جي خ??اف ڳالهه ۾ ڪا شرمندگي نه آهي.