اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، حماد اظهر ۽ مراد سعيد چيو آه?? ته مخالف ڌر جي پريس ڪانفرنس ڪوڙ تي ٻڌل آه??، مخالف ڌر پنهنجون آئي??ي ذميواريون پوريون ڪرڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آه??، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي ڦرلٽ، ٻاهرئين ملڪ ملڪيتن ۽ ڪاروبار جي ڪري اڄ ملڪ مسئلن ۽ چئلينجز جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آه??، ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال جي ڪري ڪو به نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ويو، ڇا مخالف ڌر انهي جي ڪري احتجاج ڪري رهي آه??، عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي تي پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آه??، 35 سا?? حڪومت ڪندڙن عوام کي صحت جون ڪهڙيون سهولتون ڏنيون آه??؟ عمران خان جي اچڻ سا?? ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ کا?? بچي ويو آه??، جنهن جو مخالف ڌر کي تمام گهڻو افسوس آه??، ماضي جا حڪمران ڪرپشن سا??هون اچڻ تي عوام کي منهن ڏيڻ جي قابل به ناهن رهيا. هو گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪي معاشي چئلينجز سڀني جي سا??هون آه??. ان ۾ مخالف ڌر جي اها هرگز ذميواري نه ٿي بڻجي ته اها سڄي ذميواري حڪومت تي وجهي ۽ پاڻ خاموش تماشائي بڻيل رهي پر مخالف ڌر جي ذميواري آه?? ته اها اهم قومي معاملن تي پنهنجو آئيني حق ادا ڪندي معاملا اڪلائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ڪري پر اڄ جي پريس ڪانفرنس ان ڳالهه جي غمازي آه?? ته مخالف ڌر ڪجهه نه ٿي ڪرڻ چاهي هو رڳو تماشو ڏسڻ چاهي ٿي. انهن جي هر ڳالهه مان اهو ظاهر ٿي رهيو آه?? ته اهي هن ملڪ ۽ ملڪ جي عوام جا خيرخواهه نه آه??. اهي چاهين ٿا ته ڪا اهڙي ڳالهه ٿئي جنهن سا?? اهي ٻيهر اقتدار ۾ اچي سگهن.