اسلام آباد ??? 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گهٽ آمدني وارن غريب ماڻهن کي سستي گهرن جي سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، شهرن ۾ ڪچين آبادين ۾ گهڻ ماڙ عمارت جي تعمير سان غريب ۽ پيڙهيل طبقي جي رهائش جو مسئلو حل ٿيندو، سمورين وزارتن جي ملڪيتن کي عوامي ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ بابت قانونن ۾ ترميم لاءِ ت??وي??ون هڪ هفتي مڪمل ڪري ڪابينا ۾ پيش ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاق?? حڪومت جي استعمال ملڪيت غير استعمال ??يم??ي زمين کي مثبت طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي جي سلسلي ۾ جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.