اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر ف??دوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسان دع??گو آهيون ته الله تعاليٰ محمد نواز شريف کي صحت عطا فرمائي، سندس تندرستي جي لاءِ دعا ڪريون ٿا ته هو جلد صحتمند ٿئي ته جيئن واپس اچي قانون کي منهن ڏئي سگهي، وزيراعظم عمران خان پنهنجي طرزعمل سان انسا??ي احترام ۽ قانون جي بالادستي جو روشن مثال قائم ڪيو آهي.