اسلام آباد – 07 – جنوري (اي ??ي پي) نائب وزيراع??م ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ص??ارت ۾ بين الوزارتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 11 ۽ 12 جنوري تي اسلام آباد ۾ ”مسلم ڪميونٽيز ۾ ڇوڪرين جي تعليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس جي تيارين جو جائ??و ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، نوجوانن جي معاملن واري وزير راڻا مشهود احمد، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ تعليم واري سيڪريٽري شرڪت ڪئي.