اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ا??م ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ملڪ جي مجموعي صورتحال تي غور ويچار سميت عوام کي رليف ڏيڻ ۽ ملڪي مسئلن جي جٽادار حل لاءِ قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون. محسن نقوي چي?? ته پاڪستان ڏکين حالتن مان ٻاه?? نڪري رهيو آهي، معاشي اهڃاڻ بهتري طرف گامزن آهن ۽ هر ايندڙ ڏينهن پاڪستان جي روشن مستقبل جو ڏس ٻڌائي رهيو آهي. هن چي?? ته مايوسي گناهه آهي ۽ مايوس عنصرن جي ايجندا ڪجهه ٻي آهي. خالد مقبول صديقي چي?? ته پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي عوام جي ڪا به پرواهه ناهي.