اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) قانو?? ۽ ??نصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ جمهوريه ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ملاقات ڪئي. قانون واري وزير نئين مقرر ٿيل ترڪيه جي سفير جي آجيان ڪئي. قانو?? ۽ ??نصاف واري وزارت طرفان جاري بيان موجب قانون واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستا?? ۽ ??رڪيه وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ل??ءِ ترڪيه سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي، پُراڻن ۽ ڀائراڻن ناتن جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير مختلف شعبن ۾ س??ڪار جو يقين ڏياريو. ملاقات ۾ ڊجيٽلائيزيشن، ججن جي تربيت ۽ جيلن بابت سڌارن تي تعاون جو ورجاءُ ڪيو ويو. قانون واري وزير چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ ترڪيه جهڙيءَ طرح ترقي ڪئي آهي پاڪستان ان مان سِکي سگهي ٿو. ٻنهي ڌُرين ڪيس مئنيجمينٽ سسٽم ۽ جيل مئنيجمينٽ سسٽم جي شعبن ۾ س??ڪار تي اتفاق ڪيو. ترڪيه جي سفير شاندار آجيان تي قانون واري وزير جو ٿورو مڃيو.