اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ پاڪستن ۾ جرمني جي سفير الفريڊ گراناس وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ نوجوانن جي مٽاسٽا جي امڪاني موقعن ۽ گڏيل تعاون جي قدمن تي ر??شني وڌي وئي، ان موقعي تي اولمپيئن خواجا جنيد ۽ وزير??عظ?? يوٿ پروگرام جو فوڪل پرسن سيده آمنه بتول به موجود هئي. ڪالهه وزير??عظ?? يوٿ پروگرام جي آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي ڌرين تعليمي مٽاسٽا، هنرمندي جي پروگران ۽ راندين ۽ نوجوانن جي ترقي جي شعبن ۾ عالمي تعاون جي اهميت تي زور ڀريندي ٻنهي ملڪن جي نوجوانن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جا موقعا تلاش ڪيا. وزير??عظ?? يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سڄي پاڪستان ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي حڪومتي عزم کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته وزير??عظ?? يوٿ پروگرام جنهن ۾ تعليم، روزگار، انٽرپرينيورشپ جا قدم شامل آهن جيڪي عالمي حصيدارن کان وڏو فائدو حاصل ڪري سگ??ن ٿا، هي نوجوانن کي عالمي بهترين طر??قن ۽ پيشيوراڻي نيٽ ورڪس کان روشناس ڪرائڻ جي آڇ ڪن ٿا. سفير الفريڊ گراناس پاڪستان جي نوجوانن جي قدمن لاءِ جرمني جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ثقافتي مٽاسٽا جي اهميت کي ورجايو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جرمني پاڪستاني نوجوانن کي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيتي پروگرامن سان گڏوگڏ راندين ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ شامل ٿيڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن انهن جي سوچ کي وسيع ڪري ۽ انهن کي مهارتن سان همڪنار ڪرڻ ۾ مدد ملي.