اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان شام جي خلاف اسرائيلي جارحيت ۽ شامي سرزمين تي غيرقانوني قبضي ۽ شام جي بنيادي ڍانچي ۽ شهري ۽ فوجي ٺڪاڻن جي وڏي پئماني تي تباهي تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شام جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي اهو حملو عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اسان شام جي خودمختياري ۽ لائقائي سالميت ج?? حمايت ج?? اظهار ڪريون ٿا ۽ طاقت ج?? ذريعي اسرائيل جي قبضي کي رد ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 497 جي ل??ءِ پنهنجي حمايت ج?? ورجاءُ ڪريون ٿا، جيڪو گولان جي جبلن تي اسرائيل جي الحاق کي ”باطل ۽ عالمي قانوني اثر کانسواءِ“ قرار ڏي ٿو. هن چيو ته پرڏيهي آفيس ۽ شام ۽ ل??نا?? ۾ اسان جا مشنز شام ۾ پاڪستانين جي وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ سرگرم عمل آهن. ترجمان چيو ته اٽڪل 475 پاڪستاني بشمول 250 زائرين شام جي سرحد عبور ڪري ل??نا?? پهچي چڪا آهن، انهن کي بيروت کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته اسان شام ۾ ڦاٿ?? پاڪستاني شهرين جي حفاظت سان واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ ل??نا?? جي حڪومت پاران ڏني ويندڙ حمايت کي ساراهيون ٿا.