اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) ال??ڪشن ڪميشن آف پاڪستان ملڪ ۾ چونڊ نظام جي جينڊر شموليت لاءِ هڪ جامع فري?? ورڪ جو اعلان ڪيو آهي. جينڊر ۾ اسٽريمنگ اينڊ سوشل انڪلوزن فري?? ورڪ (جي ايم ايس آءِ ايف) 2024ع کان 2028ع تائين عمل جوڳو هوندو. اڱاري ڏينهن ال??ڪشن ڪميشن طرفان جاري بيان موجب ال??ڪيشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد خان ان موقعي تي چيو ته هي فري?? ورڪ ايشيا پيسفڪ خطي ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون منصوبو آهي جيڪو چونڊ عمل ۾ مڪمل جينڊر ۽ سماجي شموليت تي ٻڌل آهي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل جينڊر ونگ نگهت صديق وضاحت ڪئي ته ان منصوبي جو بنيادي مقصد عورتن، اقليتن، ??عذ??ر ماڻهن ۽ کدڙن فقيرن لاءِ چونڊ عمل کي وڌ کان وڌ شموليتي ۽ پهچ تائين بڻائڻ آهي. ان فري?? ورڪ ۾ چونڊ قانونن، پاليسين، طرز عمل جي جائزي ۽ ترميمن وارا قدم شامل آهن. ان لاءِ اڪيڊيميا، پارليامينٽ، ال??ڪشن ڪميشن جي عملي ۽ عورتن جي سياسي حقن بابت تنظيمن سان وسيع پيماني تي صلاح ڪئي وئي آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۾ ڪل ووٽرن ۾ عورتن جو انگ 46 سيڪڙو آهي. ال??ڪشن ڪميشن جو مقصد پنهنجي انتظامي ڍانچي ۾ جينڊر ۽ سماجي شموليت جي اصولن کي مضبوط ڪرڻ آهي. ڪنٽري ڊائريڪٽر آءِ ايف اي ايس شبير احمد ان اهم قدمن تي ال??ڪشن ڪميشن کي مبارڪون پيش ڪيون.