ڪراچي-29 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ فلسطيني ??وام جي مسئلي ۽ سندن حقِ خودمختاري جي ڀرپور حمايت جاري رکندي. بلاول ها??وس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق پ پ چيئرمين فلسطيني ??وام سان يڪجهتيءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پ پ هميشه فلسطيني ??وام جي آزادي ۽ خودمختاري جي جدوجهد ۾ ساڻن گڏ بيٺل رهي آهي. هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽ?? جي فلسطيني ??وام جي حقن لاءِ عالمي سطح تي ڪيل ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري غزه ۾ جاري ڏاڍ کي عالمي قانونن ۽ انساني ??قن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. هن گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن تي زور ڀريو ته هو اسرائيلي ڏاڍ کي روڪڻ لاءِ پنهنجون ذميداريون نڀائين. چيئرمين فوري ۽ غير مشروط جنگبندي، قابض فوج جي نيڪالي ۽ غزه ۾ جنگ سٽيل عوام لاءِ امدادي سرگرمين جي بحاليءَ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري فلسطيني ??وام جي جائز حقن ۽ اُمنگن مطابق آزاد فلسطيني ??ياست جي قيام جي ڀرپور حمايت ڪري. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي تاريخي مؤقف جو ورجاءُ ڪندي ٻه رياستي حل جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته هي مسئلو جٽادار ۽ منصفاڻي حل طرفان وڌڻ جو واحد رستو آهي.