اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پنجاب – خيبرپختونخوا سرحد تي واقع لاکاڻي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پ??لي?? کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پ??لي?? هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن ??ي مٽيءَ ۾ ملائي ڇ??يو. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي حملو ناڪام بڻائيندڙ پ??لي?? آفيسرن ۽ جوانن کي شاباش ڏيندي چيو ته پ??لي?? بهادري سان دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن ??ي ناڪام بڻايو آهي. پنجاب پ??لي?? جي ڪمانڊر آءِ جي عثمان انور ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. محسن نقوي چيو ته پنجاب پ??لي?? هميشه جرئت ۽ بهادري جي تاريخ رقم ڪئي آهي.