اسلام آباد-22 نومبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف بشريٰ بي بي جي ??لزامن کي پاڪ سعودي عرب لاڳاپن تي ڪاري ??رب قرار ڏيندي چي?? آهي ته سعودي عرب سان لاڳاپن کي سياست جي ور چاڙهڻ افسوسناڪ آهي، ڪالهه لاڳاپا خراب ڪرڻ جي نهايت مڪروه ۽ غليظ قسم جي ڪوشش ڪئي وئي، اهي ماڻهو پاڻ کي مذهب جو ٺيڪيدار سمجهن ٿا، بشريٰ بي بي پنهنجو پاڻ کي شريعت چئي ره?? آهي، جيڪڏهن هو شريعت آهي ته الله ئي حافظ آهي اسان جو، پي ٽي آءِ ۾ ڪو به پي ٽي آءِ جي ??اني جي ??زادي لاءِ سنجيده ناهي، عدالتي فيصلي تي پي ٽي آءِ جو بار بار اسلام آباد تي حملي جي معمول جو خاتمو يقيني بڻائينداسين، پي ٽي آءِ باني سان سڌي ريت ڪو به رابطو يا ڳالهيون نه ٿي ره??ون آهن، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان اسٽيبلشمينٽ جو رابطو آهي، جنرل باجوده کي گهرجي ??ه هو پاڻ انهن الزامن جي ??رديد ڪري. هو ڪالهه پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري ??هيو هو. خواجه آصف چي?? ته سعودي عرب سان اسان جا تاريخي لاڳاپا آهن، اتي 28 لک پاڪستاني روزگار ڪمائي ره??ا آهن، بشريٰ بي بي جا الزام شرمناڪ آهن، سياست بچائڻ لاءِ دوست ملڪ تي الزام لڳائڻ انتهائي ڪريل حرڪت آهي، بشريٰ بي بي تڪراري ??يان سياست جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائڻ لاءِ ڏنو. پي ٽي آءِ قيادت طرفان مذهبي ڏيوالپڻي جو به مظاهرو ڪيو ويو. هن چي?? ته تحريڪ انصاف ۾ عورتن وچ ۾ جهيڙو هلي ره??و آهي، اهو سمورو جهيڙو سياسي پارٽي جي وارثي لاءِ ٿي ره??و آهي، ڀاڄائي ۽ نڻانن وچ ۾ وراثت جي ويڙهه ۾ 3 عورتون هڪ طرف ۽ بشريٰ بي بي ٻي طرف آهي، آزادي کانپوءِ بشريٰ بي بي جو پشاور وڃڻ، ان مان ظاهر لڳي ٿو ته سياسي وارث هو بڻجي ??هي آهي. ملڪي سياست ۾ ڏيوالپڻو ڏٺو ويو آهي پر اهڙي ڏيوالپڻو نه ڏٺو جهڙي سياسي وراثت جي ??عويٰ بشريٰ بي بي ڪئي آهي. هن چي?? ته هڪ معتبر صحافي ذريعي اڳوڻي آرمي چي?? جو بيان اچي چڪو آهي، الزامن جي ??نجيدگي کي ڏسندي قمر جاويد باجوه کي ذاتي طور پاڻ اچي ان جي ??رديد ڪرڻ گهرجي، ان جو چوڻ هو ته جنهن ملڪ خلاف بيان ڏنو آهي، اتان واچ وٺي انهن ڪاروبار ڪيو، ايپڪس ڪميٽي ۾ علي امين گنڊاپور چي?? ته توشاخانه مان سڀني تحفا ورتا، منهنجي ليڊر ورتو به ڇا ٿيو، فرق اهو آهي ته هن تحفو ورتو، ان کي وڪرو ڪيو، معمولي رقم جمع ڪرائي ۽ باقي رقم پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏي، ان خلاف الزام اهو آهي. خواجه آصف چي?? ته هي ڀٽو ۽ نواز شريف جي ??اندان کي گاريون ڏين ٿا ته خانداني سياست ٿي ره?? آهي، هتي خانداني سياست کانسواءِ ڏوهٽن ۾ ويڙهه ٿي ره?? آهي، هي خانداني سياست جي ??نتها آهي. هن چي?? ته جهڙي طرح هن پنهنجي مشهوري ??روع ڪئي آهي ان جو اوهان کي ايندڙ ڏينهن ۾ پتو پئجي ويندو ته اهو اٺ ڪهڙي پاسي ويهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته علي امين گنڊاپور روزاني اسلام آباد ۽ پنجاب تي حملي آور ٿي ره??و آهي، 24 نومبر تي ان جو اسلام آباد تي ٽيون حملو ٿيندو، خيبرپختونخوا دهشتگردي جو شڪار آهي، دهشتگردي جي ??وڪٿام لاءِ خيبرپختونخوا ۾ ڪي به قدم نه کنيا ويا. اهي ماڻهو ملڪي پرڏيهي پاليسي تي حملو ڪن ٿا، ڪاش اهي ڪو حملو دهشتگردي تي به ڪن. خواجه آصف دعويٰ ڪئي ته تحريڪ انصاف جي قيادت نٿي چاهي ته پي ٽي آءِ جو باني آزاد ٿئي، پي ٽي آءِ باني آزاد ٿيو ته پارٽي اڳواڻن جو دڪان نه هلندو. بچاءُ واري وزير چي?? ته اسان جو تحريڪ انصاف سان ڪنهن به قسم جو رابطو ناهي، خواجه آصف جو چوڻ هو ته سعودي عرب کان واچ وٺي هن ڪاروبار ڪيو، علي امين گنڊاپور چي?? ته منهنجي ليڊر تحفو ورتو ته ڪهڙو گناهه ٿيو؟ علي امين گنڊاپور کان وڌيڪ ڪير به نٿو ڄاڻي ته بشريٰ بي بي جي ??ڊيو به موجود آهي جنهن ۾ هو ماڻهن کي دڙڪا ڏئي ره?? آهي ۽ نوڪرين مان ڪڍڻ جون ڌمڪيون ڏئي ره?? آهي. دفاع واري وزير چي?? ته تحريڪ انصاف جي ??حتجاج بابت عدالتي فيصلي کي پوري قوت سان لاڳو ڪنداسين.هن چي?? ته گذريل ڏينهن خيبرپختونخوا ۾ رتوڇاڻ ٿي آهي، وڏي وزير هر چوٿين ڏينهن وفاق ۽ پنجاب تي ڪاهه ڪرڻ وڃي ٿو، خيبرپختونخوا حڪومت دهشتگردي خلاف هن وقت ڇا ڪيو آهي؟.