اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قلات ضلعي جي علائقي جوهان ۾ دهشتگردن طرفان معصوم شهرين تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ فوت ٿي?? ماڻهن جي درجن جي بلندي ۽ ??هر ڀاتين لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿي?? ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن واقعي ۾ ملوث ڏوهارين خلا?? فوري ڪارروائي ۽ کين ڪڙي سزا ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته دهشتگردن جو معصوم شهرين تي بزدلاڻو حملو مذمت جوڳو آهي. بلوچستان ۾ ڏڦيڙ ۽ بدامني ڦهلائيند?? عنصر صوبي جي ماڻهن ۽ ترقي جا دشمن آهن. وزيراعظم چيو ته اهڙا ناپاڪ حربا حڪومت جي بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي واري عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن چ??و ته دهشتگردن جا بزدلاڻا حملا بهادر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينداسين، دهشتگردي جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين انهن خلاف جنگ جاري رکي ويندي.