اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان واضح ڪيو آهي ته پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جا اثاثا ۽ ادائگين جا مالي سال 24-2023ع بابت گوشوارا جمع ڪرائڻ جي ??تم?? تاريخ 31 ڊسمبر آهي. اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي ??ق 137 تحت سمورن پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن لاءِ لازمي آهي ته هو پنهنجي ??ال، ٻارن ۽ بقايائن جا گوشوارا مالي سال 24-2023ع ڄاڻايل فارم ??ي، جي ??ورت ۾ مقرر تاريخ کان پهرين يا 31 ڊسمبر 2024ع تائين اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائين. ڪالهه اليڪشن ڪميشن مان جاري بيان موجب سيڪشن 137 جي موجب هر اڳوڻو اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبر 30 جون تائين پنهنجي ??ال ۽ ڪفالت هيٺ ٻارن جا اثاثا ۽ بقايائن جا گوشوارا ڄاڻايل فارم ??ي هر سال 31 ڊسمبر کان پهرين يا 31 ڊسمبر تائين اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائيندو. سيڪشن 137 جي ??يلي شق (2) تحت ڪميشن هڪ پريس رليز ذريعي هر سال پهرين جنوري تي مقرر ڪيل تاريخ تائين گهربل گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جا نالا شايع ڪندو. 16 جنوري تي هڪ حڪم تحت ڪميشن 15 جنوريءَ تائين ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جي ??ڪنيت معطل ڪندو ۽ ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تائين هو پارليامينٽ ۽ اسيمبلي جي ڪنهن به ڪارراوئي جو حصو نه بڻجي ??گهندو. جيڪڏهن ڪو ميمبر پنهنجي پيش ڪيل گوشوارون ۾ ڪنهن قسم جي ??لط ڄاڻ فراهم ڪرڻ جو مرت??ب ٿيو ته ڪميشن سيڪشن 137 تحت گوشوارا جمع ڪرائڻ ج?? تاريخ کان 120 ڏينهن اندر ان بدعنواني جي ڏوهه جي ??مل عيوض ڪارراوئي ڪندو. ان حوالي سان تيار ڪيل هدايت/رهنمائي سان مقرر فارم ??ي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ اسلام آباد، لاڳاپيل صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي ??فيس، سينيٽ سيڪريٽريٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ??يڪريٽريٽ مان مفت حاصل ڪري سگهجن ٿا. ان کان علاوه فارم ??ي اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تان پڻ ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو.