اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم 26 آڪٽوبر تي ا??ران تي اسرائيل جي حملي جي شديد مذمت ڪندي ايران جي خودمختياري ۽ ??لا??قائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ??هي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ايران جي پرڏيهي وزير جي طور تي پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري تي ا??ندڙ عراقچي جي آجيان ڪندي وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي ۽ صدر مسعود پيز شڪيان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي ا??ران سان ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي برقرار رکڻ سان گڏوگڏ گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وچ اوڀر جي خطي جي ڳڻتي جوڳي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ آزاد رياست حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيل جي جاري نسل ڪشيءَ مهم جي شديد مذمت ڪئي ۽ ان حوالي سان گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم غزه م فوري جنگبندي جي ضرورت، بنا روڪ انساني ا??داد جي فراهمي ۽ سڀ کان وڌيڪ فلسطيني عوام کي خودمختياري جي فتح نه ٿيڻ جوڳي حق جنهن جي ا??هن کي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن جي ضمانت ڏني وئي آهي، جي فراهمي ??ي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم 26 آڪٽوبر 2024ع تي ا??ران تي اسرائيل جي حملي جي شديد مذمت ڪندي ايران جي خودمختياري ۽ ??لا??قائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ايران جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي اصولي موقف تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ کيس خطي جي صورتحال جي حوالي سان ايران جي موقف کان آگاهه ڪيو.