اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار محمد اياز صادق هندو برادري کي ڏياريءَ جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ترسيل سمورن شهرين کي برابر حق حاصل آهن. گذريل ڏينهن ج??ري ڪيل پيغام ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر هندو برادري لاءِ ڏي??ري جي ڏڻ ??ي موقعي تي پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ??ه ڏي??ري سڀني لاءِ روشنين، امن ۽ خوشيءَ جو پيغام آهي. ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ اقليتي برادري جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو آئين اقليتن جي تحفظ جي مڪمل ضمانت فراهم ڪري ٿو. پارليامينٽ اقليتن جي بهتري ۽ سندن حقن جي تحفظ لاءِ هميشه قدم کنيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سڀني ??ي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.