رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ س??ڙپڪاري، واپاري معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشن جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، پاڪ – سعودي مضبوط اقتصادي حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوا?? موقعا پيدا ڪرڻ جي ض??ور?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سعودي سيڙپڪاري واري وزير انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ سعودي شاهي ديوان جي صلاحڪار محمد بن التويجري سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مختلف اقتصادي قدمن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. سعودي سيڙپڪاري واري وزير جي 9 کان 11 آڪٽوبر تي نجي شعبي جي هڪ وڏي وفد گڏ پاڪستان جي تازي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته دوري دوران پاڪستان ۾ صحيحون ڪيل مفاهمتي يادداشتن جي ٺوس سيڙپڪاري ۽ واپاري معاهدن جي شڪل ۾ مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم پاڪ – سعودي مضبوط اقتصادي حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوا?? موقعا پيدا ڪرڻ جي رفتار کي جاري رکڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سان مضبوط اقتصادي تعاون جي ڪوششن ۽ عزم تي سعودي وزير خالد الفالح جا ٿورا مڃيا. هن سعودي عرب جي ويزن 2030ع جي پس منظر ۾ ٻنهي ملڪن جي لاءِ موجود اقتصادي م??قع?? مان فائدو کڻڻ جي ض??ور?? تي زور ڏنو.