اشڪ آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 10 ۽ 11 آڪٽوبر ت?? اشڪ آباد دوري دوران ترڪمانست??ن جي قيادت سان ون آن ون ملاقاتون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب صدر ترڪمانست??ن جي صدر سردار بردي محمدوف ۽ ترڪمانست??ن جي قومي اڳواڻ ۽ ترڪمانست??ن جي پيپلز ڪائونسل جي چيئرمين ڪرنگولي بردي محمدوف سان ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ ترڪمانست??ن جي اڳواڻن ملاقاتن دوران ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن سمورن شعبن خاص طور ت?? واپار ۽ ٻطرفا رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
صدر ترڪمانست??ن جي قومي اڳواڻ ۽ ترڪمانست??ن جي صدر کي جلد پاڪست??ن جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۽ ترڪمانست??ن جي وچ ۾ مضبوط ۽ گهرا دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تاريخ ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن تي ٻڌل آهن. صدر آصف علي زرداري عالمي فورم ”وقت ۽ تهذيبن جو گڏيل تعلق – امن ۽ ترقي جو بنياد“ ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪمانست??ن جي دوري تي آهي. فورم 11 آڪٽوبر ت?? مخدوم گلي فر??گي جي پيدائش جي 300هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ڪيو ويو.