اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته نوجو??نن کي پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ جديد سائنس ۽ ٽيڪنا??اج?? جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، اڄ جي دنيا ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جو دارومدار سائنس ۽ ٽيڪنا??اج?? جي مهارت تي آهي، اهي ئي قومون ترقيون ڪنديون آهن جيڪي سائنس، ٽيڪنا??اج?? ۽ جديد تحقيق ۾ اڳيان اڳيان آهن. هن اهڙن خيالن جواظهار اسپيس ويڪ 2024ع جي تقريبن جي سلسلي ۾ اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار گرلز ايف 2/6، ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي ڪيو. اسپيس ويڪ جيڪو هر سال 4 آڪٽوبر کان 10 آڪٽوبر تائين ملهايو ويندو آهي، جو مقصد سڄي دنيا ۾ خلائي سائنس جي حوالي سان آگاهي ڦهلائن ۽ نوجو??نن کي خلائي تحقيق جي موقعن طرف راغب ڪرڻ آهي. پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير نوجو??نن کي پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنا??اج?? جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ تي زور ڀريو. پروفيسر احسن اقبال خطاب جي شروعات ۾ چيو ته اڄ جي دنيا ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جو دارومدار سائنس ۽ ٽيڪنا??اج?? جي مهارت تي آهي، اهي ئي قومون ترقيون ڪنديون آهن جيڪي سائنس، ٽيڪنا??اج?? ۽ جديد تحقيق ۾ اڳيان اڳيان آهن. هن ماضيءَ جي اسلامي تهذيبن جو ذڪر ڪندي چيو ته جڏهن بغداد، دمشق ۽ قرطبه جهڙن شهرن ۾ علم ۽ تحقيق جا مرڪز قائم هئا ته مسلمان دنيا جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا، پر جڏهن علم ۽ تحقيق کان دُوري اختيار ڪئي ته تهذيبي زوال جو مُنهن ڏسڻو پيو. احسن اقبال زور ڀريو ته مسلم اُمت جو مستقبل سائنس۽ ٽيڪنا??اج?? جي بحالي سان جڙيل آهي. وفاقي وزير پنهنجي تقرير ۾ خلا جي تسخير ۽ ان جي تحقيق کي عالمي ترقيءَ جو هڪ اهم عنصر قرار ڏنو. هن جيمز ويب ٽيلي اسڪوپ ۽ يورپي اسپيس ايجنسين جي ڪاميابيءَ جو حوالو ڏيندي چيو ته اڄ جون جديد قومون سائنس ۽ تحقيق ذريعي ڪائنات جي رازن کي سمجهڻ جي ڀرپور ڪوششون ڪيون آهن جڏهن ت?? بدقسمتيءَ سان ڪنهن مسلمان ملڪ وٽ خلا ۾ تحقيق جي صلاحيت ناهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪو مسلم ملڪ زمين جو مدار کان اڳيان نه وڌي سگهيو. احسن اقبال چيو ته قرآن پاڪ جي آيتن موجب الله تعاليٰ انسان کي چنڊ ۽ سج جي تسخير جو حڪم ڏنو آهي ۽ اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مسلمان ان هدايت مطابق علم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ اڳيان وڌن. پروفيسر احسن اقبال چيو ته دنيا چوٿين صنعتي انقلاب جي دؤر ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي آرٽيفيشل انٽيليجنس، روبوٽڪس، نينو ٽيڪنا??اج?? ۽ بائيو ٽيڪنا??اج?? جهڙيون جديد ٽيڪنا??اج??ون ترقيءَ جو معيار بڻجي چڪيون آهن. هن چيو ته انهن ٽيڪنا??اج??ز ۾ مهارت رکندڙ قومون ئي ايندڙ دؤر ۾ عالمي ترقي جي اڳواڻي ڪنديون. هن نوجو??نن کي اقبال جي شعر جو حوالو ڏيندي آسم??نن کان اڳيان سوچڻ ۽ خواب ڏسڻ جي ترغيب ڏني. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪلائمينٽ چينج کان متاثر ملڪن ۾ شامل آهي ۽ اسپيس ٽيڪنا??اج?? ذريعي موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ ۾ بهتري آڻي سگهجي. اسپيس ٽيڪنا??اج?? جي مدد سان اسان نه صرف زراعت ۽ پيداوار تي موسمي اثرن جو جائزو وٺي سگهون ٿا، پر قدرتي آفتن جي وقت سر اڳڪٿي به ممڪن ٿي سگهي ٿي جنهن سان قيمتي جانين ۽ ملڪيتن جو تحفظ ڪري سگهجي ٿو. احسن اقبال خلا جي تحقيق ۽ اسپيس ٽيڪنا??اج?? جي اهميت کي روزمره جي زندگيءَ کي نظر ۾ رکندي پڻ پيش ڪيو. هن گوگل ميپس ۽ هوائي جهازن جي نيويگيشن جهڙين ايجادن جو ذڪر ڪندي چيو ته اسپيس ٽيڪنا??اج?? جو استعمال هر شعبي ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ان اسان جي زندگيءَ کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ايندڙ دؤر ۾ خلا ۾ ٿيندڙ تحقيق انس??نن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندي، جيئن خلا ۾ توانائي جي نَون ذريعن يا انساني عضون جي پيدائش. هن پنهنجي خطاب ۾ شاگردن کي مستقبل جون ذميواريون نڀائڻ ۽ پنهنجي اندر علم ۽ تحقيق جي لڳن پيدا ڪرڻ جي تلقين ڪئي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي سائنس ۽ ٽيڪنا??اج?? ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو پيدا ڪرڻو پوندو ته جيئن پاڪستان جو مستقبل روشن ٿي سگهي. وفاقي وزير منصوبا بندي وزارت ۽ تعليم واري وزارت جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اسپيس ويڪ کي هر سال هڪ پليٽ فارم طور ملهايو ويندو ته جيئن اسان جي نئين نسل کي خلائي سائنس ۽ رازن بابت آگاهه ڪري سگهجي ۽ انهن جي تحقيقي صلاحيتن کي وڌائي سگهجي. هن چيو ته استادن ۽ شاگردن کي سائنس ۽ ٽيڪنا??اج?? جي تعليم سان ڳنڍڻ ۽ انهن کي جديد علم سان سرشار ڪرڻ ئي پاڪستان جي نوجو??نن جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. هن نوجو??نن کي پيغام ڏنو ته هو سائنس ۽ تحقيق کي پنهنجو نصب العين بڻائين ۽ پاڪستان جو جهنڊو خلا ۾ لهرائين. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته اڄ جا نوجوان هڪ ڏينهن پاڪستان کي دنيا جي پهرين صفن واري قوم ۾ شامل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.