??را??ي – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته پوري ??وم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ بي مثال قربانين جي لاءِ احسانمند رهندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ??را??ي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ذاڪر بلوچ شهيد جي گهر ويو ۽ شهيد جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ان موقعي تي شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئ??، ڊپٽي ڪمشنر ذاڪر بلوچ مستونگ، بلوچستان حملي ۾ شهيد ٿيو هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته شهيد ذاڪر بلوچ قومي ذميواري سرانجام ڏيندي شهادت ماڻي، پوري ??وم شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ??ري ٿي. هن چيو ته پوري ??وم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ بي مثال قربانين جي لاءِ احسانمند رهندي. صدر شهيد جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو ۽ وارثن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.