اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ وزارت جي سينئر مئنيجمينٽ ڪميٽي جو اجلاس اربع ڏينهن منعقد ٿيو. اجلاس ۾ رٿابندي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن، پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز ۽ مخ??لف شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير، وزارت ۾ جاري م??صوبن ۽ شعبن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو. ا?? موقعي تي احسن اقبال چيو ته رٿابندي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي سڌارن جي نتيجي ۾ مثالي بڻايو ويندو. هن چيو ته عملدار، شعبن جا سربراهه ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز پنهنجي شعبن بابت واضح حڪمت عملي جوڙي پيش ڪن. هن چيو ته سي پيڪ سينٽر آف ايڪسيلينس کي تحقيق جو مرڪز بڻجڻو پوندو. سينٽر آف ايڪسيلينس سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي م??صوبن لاءِ مستند تحقيق تي ٻڌل مواد فراهم ڪري حڪومت جي رهنمائي ڪري. هن چيو ته جائزي اجلاس ۾ باقاعدگي آڻڻ جي ضرورت آهي، آفيسرن، شعبن ۽ جاري م??صوبن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان سستي کي برداشت نه ڪيو ويندو. پنهنجي ڪارڪردگي جو جائز?? وٺي هدفن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو.