اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ??ير?? النبي ج?? روشني ۾ پاڪستان جي تعليمي نظام جو نئين سر جائزو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليمي نظام ڪردارسازي، فني ترقي، روحاني ۽ اخلاقي قدرن ۽ صلاحيتن کي نکارڻ تي ڌيان ڏيڻ واري گهڻ رخي موقف تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ??يد ميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ منعقد ??ير?? النبي ﷺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي اهتمام هيٺ منعقد ان ڪانفرنس جو موضوع ”رياستي تعليمي نظام، رسول الله ﷺ جي تع??يم ج?? روشني ۾“ چونڊيو ويو هو، جنهن ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، مذهبي معاملن واري وفاقي سيڪريٽري ذوالفقار ??يدر کانسواءِ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ عالم سڳورن، سفارتڪارن، منصفين ۽ محققن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته تع??يم جو مقصد رڳو مادي ڪاميابي نه آهي پر روحاني واڌويجهه ۽ صلاحيتن کي نکارڻ جي لاءِ معاشري جي ڀلائي ۾ پنهنجو ڪردار ??دا ڪرڻو هوندو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تع??يم جي نظام کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. تعليمي ادارا ته موجود آهن پر تربيت جي کوٽ آهي. ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته تعليمي نظام جو نئين سر جائزو ورتو وڃي ۽ ان کي ??ير?? النبي ﷺ ج?? روشني ۾ جوڙيو وڃي ته جيئن اسان جون نسلون نه رڳو علم حاصل ڪري سگهن پر انهن جي تربيت به اسلامي اصولن موجب ٿئي. هن مذهبي معاملن واري وفاقي وزير کي تجويز ڏني ته هو اسلامي تع??يم ج?? روشني ۾ ۽ عالم سڳورن جي تجويزن کي شامل ڪري تع??يم واري وزارت سان گڏجي ان جو جائزو وٺي ۽ ضروري سڌارا ڪري. اسلام ۾ تع??يم جي اهميت ت?? روشني وجهندي هن پهرين نازل ٿيندڙ قرآني آيت ”پڙهو پنهنجي رب جي نالي سان جنهن پيدا ڪيو“ ۽ نبي ڪريم ﷺ جي ڪيترين ئي حديثن جو حوالو ڏنو. هن چيو ته تع??يم ماڻهن جي ڀلائي جي لاءِ اهم ڪردار ??دا ڪيو آهي. علم انسان کي سٺي ۽ خراب ۾ تميز ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿو. هن چيو ته اسلام هر مسلمان تي علم حاصل ڪرڻ فرض ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ رياست وسيلا فراهم ڪرڻ جي ذميوار ??هي. هن چيو ته تع??يم جي ذريعي انسان پنهنجي خدا طرفان ڏنل صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي ٿو ۽ معاشري جي واڌويجهه ۾ ڀرپور ڪردار ??دا ڪري ٿو. اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته اسان جا تعليمي ادارا نه رڳو دنياوي علم ۾ وڌن پر انهن ۾ اسلامي اخلاقيات ۽ روحانيت جو پڻ اهم ڪردار هجي. اسحاق ڊار ??وشل ميڊيا ۽ ٻيا جديد مواصلاتي ذريعا متعارف ٿيڻ کانپوءِ معاشري خاص طور تي نوجوان نسل جي اخلاق تي ان جي منفي اثرن تي ڳالهائيندي چيو ته عالم سڳورن، تعليمي ماهرن ۽ اسان سڀني جي ذميواري آهي ته ان صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ نوجوان نسل جي اخلاق کي سنوارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ??دا ڪريون. هن چيو ته سماجي انصاف اسلامي تعليمي نظام جو هڪ اهم جز آهي، ان لاءِ اسان جي تعليمي نظام کي انهن قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي ۽ شاگردن کي مستقبل جا اڳواڻ بڻجڻ جي لاءِ پرواه چاڙهڻ گهرجي. محمد اسحاق ڊار ملڪ ۾ مذهبي ۽ موجوده تعليمي نظام جي وچ ۾ ورڇ تي پڻ روشني وجهندي چيو ته اسان هڪ متحد ۽ ٺوس تعليمي نظام تحت دين ۽ دنيا ٻنهي علمن جي بهتر تع??يم ڏئي سگهون ٿا. هن پاڪستان کي معاشي طاقت بڻائڻ جي ڪوششن تي زور ڏيڻ سان گڏوگڏ جديد فني تع??يم سان ان فرق کي پورو ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم نبي ڪريم ﷺ جي حيات طيبه ۽ تع??يم تي مختلف ڪيٽيگريز ۾ ڪتابن جي بهترين ليکڪن سان گڏوگڏ حمد ۽ نعت ۽ ڪانفرنس جي موضوع جي مناسبت سان مقالن تي انعام پڻ ورهايا.