اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم پاڪستان جي آبي ۽ خوراڪ جي سيڪيورٽي لاءِ اهم منصوبو آهي، ان ۾ لاپرواهي ۽ غير ضروري دير سبب ان جي لاڳت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي چڪو آهي، اڳوڻي حڪومت جي نااهلي جو نتيجو هر شعبي ۾ ڀوڳي رهيا آهيون. اهڙو اظهار هن گذ??يل ڏينهن پنهنجي صدارت هيٺ ديامير ڀاشا ڊيم منصوبي جي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس ۾ ڳالهائ??ند?? ڪيو. اجلاس ۾ رٿابندي واري سيڪريٽري، واپڊا چيئرمين ۽ لاڳاپيل ا??ار?? جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته ديامير ڀاشا ڊيم پاڪستان جي آبي ۽ خوراڪ جي سيڪيورٽي لاءِ اهم منصوبو آهي، 2018ع تائين ان ڊيم جي تعميري لاڳت جو ڪاٿو 479 ارب روپيا هو. 2018ع تائين زمين جي خري??ار?? تي 120 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا هئا. ڊسمبر 2020ع ۾ فنانسنگ حاصل ڪرڻ کانسواءِ جلد بازي ۾ تعميرات شروع ڪئي وئي، گذ??يل دور ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي اجلاس دوران ٻڌايو و??ند?? هو ته منصوبي جي لاڳت 600 ارب ٿي چڪي آهي، هڪ ٻئي موقعي تي ٻڌايو ويو ته هاڻي 750 ارب ٿي چڪي، هن چيو ته اڄ تائين ڪاغذن ۾ 480 ارب جو ڪاٿو ظاهر ڪيو پيو وڃي، ديامير ڀاشا ڊيم جي تعميري لاڳت ان وڏي اضافي جي ذميواري اڳوڻي نااهل حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي، فنڊنگ جي کوٽ ۽ دير سبب ان منصوبي جي لاڳت 479 مان وڌي 1400 ارب تائين پهتي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته ا??سو?? جو مقام آهي ته اڄ به ان منصوبي جو فنانسنگ پلان مڪمل ناهي، ڊيم ۽ بجلي جي منصوبن کي ڌار ڪيو وڃي، بجلي منصوبي جي فنانسنگ نجي ا??ار?? کان ڪرايو. هن چيو ته 6 سال گذرڻ باوجود منصوبي جو نظرثاني ٿيل پي سي ون نه ٺهي سگهي آهي. مون گذ??يل دور ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ تجويز پيش ڪئي ته جنهن منصوبي جو پي سي ون ٻه سال پراڻو هجي ان تي ڪم شروع نه ڪيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته مستقبل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو آهي، ديامير ڀاشا ڊيم ۾ 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جو ذخيرو ٿ??ند??، هن چيو ته ڀاشا ڊيم منصوبي جي تعمير ۾ پاڪستاني يونيورسٽين، انجنيئرنگ ۽ هائيڊرالوجي جي شاگردن کي شامل ڪيو وڃي.