اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اوزون تهه جي تحفظ لاءِ پنهنجي ڪوششن جي جائزي ۽ ان کي جاري رکڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪست??ن عالمي برادري جي اوزون تهه جي بچاءُ لاءِ عالمي قدمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اهڙو اظهار وزيراعظم شهباز شريف، اوزون تهه جي تحفظ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته بدقسمتي سان اوزون تهه کي انساني سرگرمين شديد متاثر ڪيو آهي ۽ ان ۾ گهاري جو سبب بڻيون آهن. هن چيو ته اوزون تهه ۾ گهاري انسانن سميت ڌرتي تي موجود هر جاندار کي خطري جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، تنهن هوندي به گڏيل قومن تحت ويانا ڪنوينشن ۽ مونٽريال پروٽوڪول ذريعي عالمي ڪوششن جي نتيجي ۾ اوزون تهه ۾ گهاري کي ڪافي حد تائين گهٽ ڪرڻ ۾ ڪاميابي حوصلي ??ار?? آهي. هن چيو ته پاڪست??ن عالمي برادري جي اوزون تهه کان بچاءُ لاءِ عالمي قدمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان 1992ع ۾ مونٽريال پروٽوڪول جي توثيق ڪئي جيڪو اوزون تهه کي ختم ڪ??دڙ ڪيميائي مادن (او ڊي ايس) کي مرحليوار ختم ڪرڻ جي اسان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته تڏهن کان پاڪستان ان حوالي سان نمايان سنگ ميل عبور ڪيا ??هن. اوزون تهه جي تحفظ جي قدمن جي تسلسل کي جاري رکڻ لاءِ حڪومت پاڪستان 1996ع ۾ خصوصي طور تي هڪ نيشنل اوزون يونٽ (اين او يو) قائم ڪيو. ان يونٽ تحت پاڪستان ڪسٽمز، ريفريجريشن ۽ ايئر ڪنڊيشنگ انڊسٽري، واپار ??ار?? وزارت، فني ماهر ۽ انجنيئرز، امپورٽ ڪ??دڙ ۽ واپارين سان پنهنجي گڏيل ڪوششن ذريعي مونٽريال پروٽوڪول جا 11 مرحلا ڪاميابي سان مڪمل ڪيا ويا ??هن. پاڪستان 2009ع تائين اوزون تهه کي متاثر ڪ??دڙ ڪيميائي مادن جي پهرين قسم کي مرحليوار ختم ڪري ڇڏيو ۽ جنوري 2020ع تائين ايڇ سي ايف سي ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي جو هدف حاصل ڪري ورتو. وزيراعظم چيو ته ان سان گڏوگڏ اسان 2025ع تائين پنهنجي ڪيترين ئي صنعتن کي اوزون دوست ٽيڪنالاجيز تي منتقل ڪري 67.5 سيڪڙو گهٽتائي جي هدف کي پورو ڪرڻ جي راهه تي تيزي سان گامزن آهيون. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تحفظ جي تعين اسان جو اجتماعي عزم ڀرپور طريقي سان جاري آهي. هن چيو ته آئون ان موقعي تي ماحولياتي تحفظ لاءِ جاري گڏيل قومن لاءِ پنهنجي حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو. اوزون تهه جي تحفظ لاءِ اسان جون اجتماعي ڪوششون ماحولياتي تحفظ لاءِ اسان جي ذمي??ار?? ۽ پائيدار ترقي لاءِ اسان جي جذبي جي عڪاسي ڪن ٿيون. وزيراعظم زور ڀريو ته اچو ته اسان هل??دڙ سال جي موضوع مونٽريال پروٽوڪول- ايڊوانسنگ ڪلائميٽ ايڪشنز تحت اي??دڙ نسلن لاءِ ڌرتي جي حفاظت خاطر پنهنجي متحده ڪوششن کي جاري رکڻ جو عزم ڪريون.