اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان غزه جي علائقي خا?? يونس ۾ تاريخي مسجد تي اسرائيلي قابض فوج جي بمباري جي شديد مذمت ڪندي چيو آه?? ته اهو حملو گهري ثقافتي ۽ مذهبي اهميت رکندڙ جڳهه تي هڪ سنگين حملو آه??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ??لو?? پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو حملو عالمي قانون جي پڻ واضح خلاف ورزي آه??. هن چيو ته هٿياربند تڪرار جي صورت ۾ ثقافتي ملڪ??تن جي تحفظ جي لاءِ 1954ع جي هيگ ڪنوينشن تحت مذهبي جاين کي نشانو بڻائڻ واضح طور تي منع آه??. هن چيو ته پاڪستان والاريل اولهندي ڪناري جي اترئين حصي ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران ڪيل تازي وڏي پئماني تي فوجي دراندازي تي پڻ پنهنجي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آه??. ترجمان چيو ته اهو حملو چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ عالمي قانون جي هڪ ٻي واضح خلاف ورزي آه?? جيڪو والاريل علائقن ۾ شهرين کي بنا فرق جي نشانو بڻائڻ کان منع ڪري ٿو.