اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي، ته هي??اٽائيٽس عالمي سطح تي وڏو چئل??نج آهي، هي??اٽائيٽس کان بچڻ ۽ ان جي خاتمي ل??ءِ ??ڏي?? ڪوششن جي ضرورت آهي. ايوان صدر پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري هي??اٽائيٽس جي عالمي ڏينهن تي جاري پيغام ۾ چيو ته هي??اٽائيٽس هڪ خاموش قاتل آهي ڇاڪاڻ ته ان بيماري جون نشانيون ظاهر نه ٿيڻ سان ان جي ڦهلجڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي، هي??اٽائيٽس سبب عالمي سطح تي وڏي پئماني تي فوتگيون ٿي رهيون آهن. صدر مملڪت چيو ته هي??اٽائيٽس سان اسان جي ملڪ ۾ صحت کي شديد خ??را لاحق آهن، پاڪستان ۾ هي??اٽائيٽس جي مريضن جي تعداد ۾ اضافي سان اسان جي صحت جي نظام تي بار پوي ٿو، صحت جي ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ وسيع پئماني تي اسڪريننگ ۽ وقت تي سڃاڻپ جي ضرورت آهي. صدر مملڪت چيو ته سڄي ملڪ ۾ احتياطي اپائن کي هٿي وٺرائي، اسڪريننگ، ٽيسٽنگ ۽ علاج جون سهولتون وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا ۽ ان حوالي سان علاج جي اهميت جي باري ۾ ڄاڻ پيدا ڪرڻي پوندي، ان بيماري کان بچاءَ ۽ خاتمي ل??ءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر مملڪت چيو ته ميڊيا، تعليمي ادارن، استادن ۽ سول سوسائٽي ذريعي هي??اٽائيٽس جي باري ۾ عوام کي ڄاڻ ڏيڻي پوندي، اچو ته گڏجي ملڪ کي هي??اٽائيٽس کان پاڪ بڻايون.