اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سلطانت عمان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسيدي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن مسقط جي واديءَ ڪبير ۾ امام بارگاهه علي بن ابو طالب تي ٿيندڙ تازي دهشتگرد حملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ هر قسم جي دهشتگردي کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪارروائ?? جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم دهشتگردي کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ عمان جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ??علان ڪيو. هن ميتن جي پاڪستان واپسي ۽ عمان جي اسپتالن ۾ پاڪستاني زخمي شهرين جي سارسنڀال ۾ عمان جي تعاون کي پڻ ساراهيو. بيان موجب ٻنهي اڳواڻن سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون کانسواءِ عوام جي م??اسٽا تائين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو ??ائزو ورتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير هن هفت?? جي آخر ۾ عماني سيڙپڪارن جي هڪ وفد جي پاڪستان اچڻ جي آجيان ڪئ?? جيڪو گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي تعاون جي شعبن کي ڳولڻ جي لاءِ تيار آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپ?? جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. قيادت ۽ پرڏيهي وزارت جي سطح تي دورن جي م??اسٽا تي اصولي طور تي اتفاق ڪ??و ويو جنهن جي لاءِ سفارتي ذريعن سان گڏيل طور تي م??اسب تاريخن کي طئي ڪ??و ويندو.