اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪس??ان ۾ معيشت جي استحڪام لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاري ضروري آهي، سعودي سيڙپڪارن جو پاڪس??ان جو دورو ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، اهڙو اظهار هن پاڪس??ان سعودي عرب سيڙپڪاري فورم 2024ع کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته معيشت جي استحڪام لاءِ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي عرصي وارين حڪمت عملين تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان ملڪي معيشت کي هٿي ملندي. حڪومت ڍانچا جاتي ۽ اقتصادي سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن تي عملدرآمد لاءِ قدم به کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ??وانائي جو شعبو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ۽ ان اهم شعبي ۾ سڌارا جاري آهن. هن چيو ته ??راعت ۾ 5 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هلندڙ سال ڪڻڪ ۽ چانورن سميت وڏن فصلن جي سٺي پيداوار ٿي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن جو توازن سٺو رهيو، ان سان گڏوگڏ ايف بي آر جي اوڳاڙين ۾ هلندڙ سال رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، مهانگائي گهٽجي 17 سيڪڙو تائين اچي وئي آهي، پاڪس??ان اسٽاڪ ايڪسچينج جا شيئرز به وڌي رهيا آهن. هن وزيراعظم شهباز شريف جي عالمي اقتصادي فورم ۾ شرڪت جو حوالو ڏيندي چيو ته ??عودي عرب جو اهو هڪ ڪامياب دورو هو، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي سهڪار جون راهون وڌيڪ کلنديون. گذريل ٻن هفتن ۾ سعودي عرب ۽ پاڪس??ان وچ ۾ 3 اعليٰ سطحي وفدن جي ڏي وٺ ٿي آهي. هن چيو ته ??ڪومت هاڻي نجڪاري طرف وڌي رهي آهي ۽ پي آءِ اي جي پڻ نجڪاري ڪئي ويندي. ان موقعي تي پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ??عودي عرب ۽ پاڪس??ان هڪٻئي جي ترقي ۾ شراڪتدار آهن ۽ اڄ سعودي عرب جي سيڙپڪارن ۽ واپارين جو پاڪس??ان جي معيشت ۾ تمام اهم ڪردار آهي.