اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي دوست ملڪن خاص طور تي سعودي عر??، گڏيل عر?? امارات، چين، ترڪيه ۽ قطر جا ٿورا مڃيا آهن. 16 هين قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ صدر ??اڪستان ۽ دوست ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. صدر چيو ته آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانيا اسان جا واپاري حصيدار آهن ۽ اميد آهي ته آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانيا سان تعاون ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. صدر ??ختلف شعبن ۾ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت تي چين جا دل سان ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪ – چين پائيدار اسٽريٽجڪ ۽ سدابهار دوستي خطي ۾ استحڪام جو بنياد آهي، اسان علائقائي امن، رابطن ۽ خوشحالي جي فروغ ۽ استحڪام برقرار رکڻ جا خواهشمند آهيون، چين پاڪستان اقتصاد?? لنگهه جي تڪميل سميت گڏيل هدفن جي فروغ جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين ۽ دشمن ع??صر?? کي اهم منصوبي کي خطري ۾ وجهڻ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط تعلق کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. صدر چيو ته چيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻنداسين.