اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطيني سفير کي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان هر عالمي فورم تي فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو، پاڪستان غزه جي عوام جي لاءِ امدادي سامان جون 7 قسطون م??ڪل??ون آهن جڏهن ته وڌيڪ هڪ عيد کانپوءِ م??ڪل?? ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير احمد جواد اي اي ربي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير اس??اق ڊار، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ پرڏيهي وزير پڻ موجود هئا. وزيراعظم فلسطين جي صدر ڊاڪٽر محمود عباس پاران سندس ٻيو ڀيرو وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد واري پيغام تي سندس ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان جا فلسطين سان تاريخي ۽ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان تسلسل سان فلسطين مسئلي جي گڏيل قومن، او آءِ سي سميت سمورن عالمي فورمن تي حمايت جاري رکي آهي. وزيراعظم 7 آڪٽوبر 2023ع کان غزه ۾ تسلسل سان جاري تازي اس??ائيلي ڏاڍ جي مذمت ڪندي چيو ته بهادر ۽ معصوم فلسطينين تي اهو اس??ائيلي ڏاڍ فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. هن 17 هزار ٻارن سميت 32 هزار فلسطينين جي بي رحماڻي موت تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ اس??ائيلي فورسز جي ظالماڻي ڪاررواين سان 70 هزار زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڏکڻ آفريقا پاران ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ان فورم تي فلسطين جي حمايت ۾ پاڪستان پاران ڏنل ب??ان جو حوالو ڏنو. گڏيل قومن پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران منظور ڪيل جنگبندي جي قرارداد جي آج??ان ڪندي اس??ائيل پاران ان قرارداد کي نظرانداز ڪرڻ جي اس??ائيلي رويي تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪندي چيو ته ان قرارداد جي باوجود اس??ائيلي ڏاڍ جاري اهي. هن فلسطيني سفير کي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان هر عالمي فورم تي فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو. پاڪستان غزه جي عوام جي لاءِ امدادي سامان جون 7 قسطون م??ڪل??ون آهن جڏهن ته وڌيڪ هڪ عيد کانپوءِ م??ڪل?? ويندي. فلسطيني سفير وزيراعظم ۽ پاڪستان جي عوام پاران فلسطين جي عوام جي مدد تي ٿورا مڃيندي چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ان سان فلسطينين جو حوصلو بلند ٿيو آهي.