ملتان-12 فيبروري (اي پي پي) جهانگير ترين استحڪام پا??ستان پارٽي جي سربراهه ۽ ناليواري سياسي اڳواڻ جهانگير ترين پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪندي سياست تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. هڪ پريس رليز ۾ هن چيو ته مان ان سڀني جو ٿ??رو مڃيان ٿو جن چونڊن ۾ منهنجو ساٿ ڏنو. مان پنهنجي مخالفن کي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته مون کي عوام جي راءِ جو احترام آهي، ان لاءِ مان پا?? کي سياست کان الڳ ڪرڻ سميت پارٽي چيئرمين جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته استحڪام پا??ستان پارٽي جي سمورن ميمبرن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. مان ذاتي حيثيت ۾ پا??ستان جي خدمت جاري رکندس.