فيصل آباد-07 فيبروري (اي پي پي) ايندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ پولنگ واري ڏينهن 08 فيبروري تي ڪنهن به اميدوار يا پارٽي کي پولنگ اسٽيشن جي 100 ميٽرن جي حد ۾ ڪيمپ لڳائڻ جي اجازت نه هوندي جڏهن ته سياس?? پارٽيون ۽ اميدوار ۽ اليڪشن ايجنٽ يا سندن حامي ڳوٺاڻن علائقن ۾ پولنگ اسٽيشنن کان 400 ميٽرن جي مفاصلي تي ۽ گنجان آبادي وارن شهري علائقن ۾ 100 ميٽرن جي مفاصلي تي پنهنجي ڪيمپ لڳائي سگن ٿا. فيصل آباد جي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان سمورين سياس?? پارٽين ۽ اميدوارن کي آگاهه ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق جي شق نمبر 48 ۽ 49 مطابق پولنگ جي موقعي تي پولنگ اسٽيشن جي 400 ميٽرن جي حد ۾ ڪنهن به قسم جي مهم ، ووٽرن کي ووٽن لاءِ قائل ڪرڻ، ووٽرن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ درخواست ڪرڻ ۽ ڪنهن خاص اميدوار لاءِ مهم هلائڻ تي پڻ ??ختي سان پابندي هوندي. اهڙيءَ ريت 100 ميٽرن جي اندر خاص اميدوارن جي حق ۾ ووٽ وجهڻ لاءِ ووٽرن جي حوصلا افزائي يا کيس و??ٽ نه وجهڻ لاءِ حوصلا شڪني تي ٻڌل نوٽيس، بينر يا جهنڊا لڳائڻ تي پڻ مڪمل طور ت?? پابندي هوندي. هن ٻڌايو ته ڊي آر او، آرو ۽ پوليس سميت انتظاميا ڄاڻايل شقن تي عمل ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ جا ذميوار هو??دا. ائين نه ڪندڙن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.