اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پا??لي??ماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (ورڪرز) جي صدر سينيئر صحافي پرويز شوڪت جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ پا??لي??ماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پرويز شوڪت جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، پرويز شوڪت صحافين جو مضبوط آواز هو، صحافت جي شع??ي ۽ صحافين جي ڀلائي جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعالي?? مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن ??ي صبر جميل عطا فرمائي.