راولپنڊي- 15 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير آ??ري??ا جي دؤري دوران آ??ري??ا جي حڪومتي ۽ فوجي عملدارن سان ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ ٻه طرفي دلچسپيءَ جي معاملن، عالمي ۽ علائقائي سلامتي ۽ جاري تڪرارن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌُرين گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ ۾ ٻه طرفي سهڪار جي امڪاني موقعن جي ڳولا لاءِ گڏيل رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان مطابق آ??ري??ا جي دؤري دوران آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير آمر??ڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن، دفاع واري سيڪريٽري جنرل لائيڊ جي آسٽن، نائب آمر??ڪي پرڏيهي وزير وڪٽوريه نولينڊ، نائب قومي سلامتي جي صلاحڪار جوناٿن فائز ۽ آمر??ڪي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل چارلس ڪيوبران سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي ??اري شعبي ۾ سهڪار ۽ دفاعي سهڪار کي گڏيل تعاون جو بنياد قرار ڏنو ويو. ٻنهي ڌُرين ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۽ گڏيل فائديمند رابطن جي دائري کي وڌائڻ وارا طريقا ڳولڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آرمي چيف علائقائي سلامتي جي مسئلن ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام کي متاثر ڪندڙ اڳڀرائيءَ تي هڪ ٻئي جي نقطه نظر کي سمجهڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ان کي نظر ۾ رکندي آرمي چيف ڪشمير مسئلي کي عالمي ??انون ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي قراردادن مطابق حل ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. آرمي چيف اتي رهندڙ پاڪستانين سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. آ??ري??ا ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي انتظام هيٺ آجياڻي ۾ آرمي چيف پاڪستاني برادريءَ جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. آرمي چيف پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني برادريءَ طرفان ملڪ جي ترقيءَ لاءِ هاڪاري ڪردار کي ساراهيو. ڳالهين دوران مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ آرمي چيف پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪوششن کي ساراهيو. هن ايس آءِ ايف سي ذريعي سيڙپڪاري ڪندڙ پرڏيهين جي آجيان ۽ حوصله افزائي ڪئي، جن پهريان ئي مختلف شعبن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. آرمي چيف ان ڳالهه تي روش??ي وڌي ته آ??ري??ا پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏي روانگي واپار جي مارڪيٽ آهي جيڪا اسان جي ڪل روانگي واپار جو 21.5 سيڪڙو آهي. هن اسپيشل اسڪريننگ،، ويزائن کان انڪار ۽ روڪڻ جهڙين افواهن کي رد ڪري ڇڏيو. آرمي چيف چيو ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو پاڪستان جا سفير آهن ۽ مختلف شعبن ۾ پاڪستان لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پاڪستاني برادري جي ميمبرن پاڪستان جي بهتريءَ لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار ۽ شراڪت تي فخر جو اظهار ڪيو. آرمي چيف سڄي پاڪستاني برادريءَ کي انهن جي ڪوششن تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن تنوير احمد سان به ملاقات ڪئي، جنهن پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي ترقي جي شعبي نسٽ لاءِ 9 ملين ڊالرن جو عطيو ڏنو هو. آرمي چيف سندس تعريف ڪندي ـ چيو ته پاڪستان کي توهان جهڙن هيروز تي ف??ر آهي.