اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جنگين ۽ تڪرارن جي نتيجي ۾ بيگناهه ماڻهن جي قتل عام کي روڪڻ ۽ انسانيت کي دنيا جي طاقتورن جي تشدد کان بچائڻ جي لاءِ هڪ گڏيل م??قف اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عالمي برادري غزه ۾ رتو??اڻ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ (آءِ پي آر آءِ) جي اهتمام هيٺ سالياني مارگلا ڊائيلاگ 2023ع کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پرڏيهي سفارتڪارن ۽ دانشورن سميت مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته عقل جي طاقت کي انهن پرتشدد طاقتن تي فوقيت حاصل هجڻ گهرجي جيڪي انسانيت ۽ انصاف جي روح کي ختم ڪن ٿيون. صدر چيو ته دنيا ۾ مفاد انسانيت تي غالب آهن، جتي ماڻهن کي غيرانساني سلوڪ جو نشانو بڻائڻ معمول بڻجي ويو آهي. هن چيو ته جنگ ڪنهن به تڪرار جو حل نه آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته جنگ جي ??ات??ي جي خلاف ويٽو جو حق استعمال ڪرڻ لاڳاپيل م??ڪن جي اخلاقي معيارن تي سواليه نشانو لڳائي ٿو. صدر چيو ته غزه ۾ ??سر??ئيل پاران فلسطينين جي وڏي پئماني تي قتل عام تي عالمي برادري جي فوري ڌيان جي ضرورت آهي. عالمي برادري کي گهرجي ته اها رتو??اڻ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته ??سر??ئيل حماس کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جواز ۾ فلسطينين کي وحشياڻي قتل عام جو نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ وڏي پئماني تي فوتگين کي گڏيل نقصان قرار ڏئي رهيو آهي. صدر چيو ته ماضي ۾ يورپ ۾ جنگ سان ٿيندڙ فوتگين کانپوءِ دنيا امن معاهدي جي لاءِ ۽ بعد ۾ ليڪ آف دي نيشنز ۽ گڏيل قومن جهڙا ادارا معرض وجود ۾ آيا. انهن تڪرارن کي وڌائڻ ۽ جنگين کي روڪڻ جي لاءِ هڪ موثر طريقيڪار جي لاءِ امن قدم کڻڻ ۾ گڏيل قومن جي ڪردار تي زور ڏنو. صدر چيو ته تڪرارن سان گڏوگڏ دنيا کي ماحولياتي تبديلين، مصنوعي ذهانت، منفي سماجي بيانيي، دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ غيرمطمئن انسانن سان لاڳاپيل ڪيترائي خطرا درپيش آهن. هن چيو ته انهن چئلينجن جي حقيقت پسنداڻي حل جي لاءِ عالمي تعاون جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ قابل عمل نظامن کي اختيار ڪرڻ ۽ اخلاقيات کي نقطه نظر ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ (آءِ پي آر آءِ) جي صدر ڊاڪٽر رضا محمد ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته دنيا قدرتي ۽ انساني آفتن جي ور چڙهيل آهي. وقت اچي ويو آهي ته انسانيت کي لاحق خطرن کان بچائڻ جي لاءِ گڏيل م??قف اختيار ڪيو وڃي. هن تڪرارن جي حل، معيشت ۽ موسمياتي تبديلين تي عالمي ڌيان جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ تقريب ۾ شرڪت ??ند??ن ??سر??ئيل جي وحشياڻي ڪاررواين جو نشانو بڻجندڙ فلسطينين جي لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي.