اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشر??ات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جمهوريه مالديپ جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي حلف برداري جي تقري?? ۾ ??رڪت جي لاءِ مالديپ پهچي ويو. ڊاڪٽر معيزو 30 سيپٽمبر 2023ع تي مالديپ جي صدارتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو هو. مالديپ اچڻ تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جو مالديپ جي نامزد پرڏيهي وزير موسيٰ ضمير، پرڏيهي وزارت واري ايڊيشنل سيڪريٽري فرزانه ظاهر، مالديپ جي سينيئر عملدارن ۽ پاڪستان هاءِ ڪمشنر وائيس ايڊمرل (ر) محمد فياض گيلاني ويلانا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو. پاڪستان ۽ مالديپ ٻه مسلمان ڀائر ملڪ آهن ?? ٻنهي جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. مالديپ جي صدر جي حلف برداري جي تقري?? ۾ ??طلاعات، نشر??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جي شرڪت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود ويجهي ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي عڪاسي ڪر?? ٿي. پنهنجي دوري دوران اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير پنهنجي مصروفيتن کانسواءِ جمهوريه مالديپ جي صدر سان ملاقات پڻ ڪندو.