اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيڪل شعبي جي تعليم ۾ ??هي?? ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي خدمتن، مجموعي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته صحت جي شعبي بابت پاليسين ۾ بيمارين جي علاج سان گڏ بچاءُ تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، وقت کان اڳ بيمار??ن کان بچاءُ ۽ وقت سر تشخيص سان صحت جي نظام تي پوندڙ بار کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??هي?? ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ا??لام آباد جي سين??ٽ جي ڇهين اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سينيٽر ثمينه ممتاز ۽ ??هي?? ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر تنوير خالق سميت سينيٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي ترقياتي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ??هي?? ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي نرسنگ جي شعبي سميت ٻين شعبن ۾ داخلائن جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. گهٽ عرصي ۾ مختلف شعبن ۾ 429 اسپيشلسٽ تيار ڪري چڪي آهي، ??هي?? ذوالفقار علي ڀ ٽو ميڊيڪل يونيورسٽي عالمي سطح تي مختلف شعبن ۾ وڏا تحقيقاتي گرانٽس کٽي چڪي آهي. ??هي?? ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ميڊيڪل جي شعبي ۾ تحقيق ۾ پڻ نمايان ڪارڪردگي رکندڙ آهي. ??هي?? ذوالفقارعلي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي مستقبل ۾ نوان پي ايڇ ڊي پروگرام شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، ??هي?? ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي پنهنجي پهرين تدريسي بلاڪ جي تعمير پڻ مڪمل ڪندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بيمار??ن کان بچاءُ تي ڌيان ڏئي گهٽ قيمت ۾ ملڪ جي مجموعي صحت جي صورتحال ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي، رڳو بيمارين جي علاج تي ڌيان سان ملڪ جي صحت جون ضرورتون پوريون نه ٿي رهيون آهن. صدر سڄي ملڪ ۾ بيمار??ن کان بچاءُ جي لاءِ آگاهي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ملڪ کي وڏي انگ ۾ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ضرورت آهي، يونيورسٽيون گريجوئيٽس وڌائڻ تي ڌيان ڏين، عام ماڻهو جي صحت سهولتن تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ صحت جي شعبي ۾ تربيت يافته ماڻهن جو انگ وڌائڻو پوندو، عورت ڊاڪٽرن جي صحت جي شعبي خدمتون برقرار رکڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته عورتن کي ڪم جي جڳهه تي دوستاڻو ۽ هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻو پوندو، يونيورسٽيون تحقيق جي شعبي ۾ پنهنجي ڪارڪردگي وڌائين، ٻاهرئين ملڪ مان ريسرچ گرانٽس حاصل ڪرڻ جي لاءِ ماهر ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪرڻيون پونديون. اجلاس ۾ يونيورسٽي قائم ٿيڻ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪاميابين ۽ صحت جي شعبي ۾ خدمتن بابت پڻ ٻڌايو ويو. سين??ٽ جي ا??لاس ۾ ??هي?? ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي سالياني رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. سينيٽ يونيورسٽي جي ملازمن جي سروس قانونن ۾ ترميم جي پڻ منظوري ڏني.