اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان پاڪستان جي پهرين خلاباز عورت نميره س??يم ملاقات ڪئي ۽ کيس 5 آڪٽوبر تي پنهنجي خلائي سفر تي روانگي بابت تيارين کان آگاهه ڪيو. نميره س??يم خلا ۾ پاڪستاني جهنڊو بلند ڪرڻ جي عزم جو ??ظهار ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نميره س??يم کي خلائي سفر شروع ڪرڻ تي حڪومت پاڪستان، نگران وزيراعظم ۽ عوام پاران مبارڪباد ڏني ۽ سندس ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهش جو ??ظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته نميره س??يم سمورين عورتن جي لاءِ رول ماڊل آهي، سندس تحقيق بابت خلائي سفر ۾ پاڪستان جي وڌندڙ موجودگي جي علامت آهي، جيڪا قوم جي لاءِ اهم ڪاميابي آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نميره س??يم به ان ڪوشش سان پاڪستان جو ??من پسند ۽ ترقي پسند ملڪ جي حيثيت سان مثبت تشخص اجاگر ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوان نسل زندگي جي مختلف شعبن ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪري سگهي ٿي. واضح رهي ته نميره س??يم پهرين پاڪستاني عورت آهي جنهن کي قطبن تي پهچڻ جو ??عزاز به حاصل آهي. نميره س??يم 21 اپريل 2007ع تي ات?? قط?? ۽ 8 جنوري 2008ع تي ڏکڻ قطب ۾ پاڪستان جو ??هنڊو لهرائي چڪي آهي جڏهن ته ايندڙ مهيني هوءَ خلائي سفر تي رواني ٿي رهي آهي.