اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) رٿابند??، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته جتي معدفي ذخيرا آهن هو پٺي تي پيل علائقا آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته معدنيات جي ترقي جي ثمرن سان مقامي ماڻهن کي تعليم، صحت?? روزگار ۽ ترقي ۾ حصو ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان منرلز سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چ??و ته پاڪستان ٻيهر ٽيڪ آف جي لاءِ تيار ٿي رهيو آهي، پاليسن جي تسلس کي جاري ر??يو، 2035ع تائين پاڪستان هڪ هزار ارب ڊالر جي معيشت بڻجي سگهي ٿو ۽ في ڪس آمدني چار هزار ڊالر ٿي سگهي ٿي. هن چ??و ته پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪار اچي رهيا آهن جن سان ملڪ جي معاشي ترقي سان گڏوگڏ عوامي ترقي به ٿيندي، اسان کي پنهنجي محنت سان ترقي ڪرڻي آه??، ترقي جي ان عمل ۾ سڀني کي شامل ڪرڻو آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۾ کاڻين کوٽڻ وار?? شعبي ۾ ڪيترائي موقعا آهن ۽ کاڻين کوٽڻ کي شروع ڪرڻ لاءِ اسان وٽ اهو درست وقت آهي.