اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سو??يٽ هومز کي ٽرانسپورٽ وينز عطيو ڪيون. وزيراعظم ٽرانسپورٽ وينز جون چاٻيون پاڪستان سو??يٽ هومز جي چيئرپرسن زمرد خان جي حوالي ڪيون. ان موقعي ??ي وزيراعظم پاڪستان سو??يٽ هومز ڪيڊٽ ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن سان ڳالهائيندي چيو ته زمرد خان جيڪو ذمو کنيو آهي الله تعاليٰ ان کي ان جو اجر عطا فرمائي. هن ٻارن کي چيو ته اهي محنت سان تعليم حاصل ڪن ۽ قوم جا عظيم معمار بڻجن، توهان پاڪستان جو مستقبل ??هيو. ان موقعي تي زمرد خان وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم پاران پاڪستان سو??يٽ هومز کي 4 گاڏيون عطيو ڪيون ويون جن جي ماليت 6 ڪروڙ 20 لک رپيا آهي. وزيراعظم ان موقعي تي ٻارن سان گڏ وين ۾ سو??ر ٿي ٻارن جي حوصلا افزائي ڪئي. هن ٻارن کي چيو ته اهي تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن، انجنيئرز، ڊاڪٽرز، سائنسدان، زرعي ۽ آءِ ٽي جا ماهر بڻجن ۽ پاڪستان جي خدمت ڪن، اسان کي گڏجي پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان بڻائڻو آهي. ان موقعي تي ٻارن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي، ٻارن پاڪستان ۽ وزيراعظم زندهه آباد جا نعر?? هنيا.