بغ??اد – 05 – جون (اي ??ي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري عراق جي سرڪاري دوري جي موقعي تي عراقي وزيراعظم محمد شياع السوداني سان بغ??اد ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران پرڏيهي وزير پاڪستان پاران عراقي عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ۾ پاڪستان پاران عراق سان مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن عراقي وزيراعظم سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپ?? کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پڻ عزم جو اظهار ڪيو.