اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دبئي ۾ هڪ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ جي واق??ي ۾ ٽن پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس ۽ سوڳوار خا??دانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته دبئي ۾ هڪ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ سان ٽن پاڪستانين جي فوت ٿيڻ بابت ڄاڻي ??يس تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. هو ان سانحي جي سوڳوار خا??دانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. هن گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستاني مشن کي متاثر خا??دانن جي مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.