اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جو نالو تجويز ڪندڙ قاضي عبدالرحمان امرتسري جي خدمتن جو قومي سطح تي اعتراف ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي لا??ِ خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستان حڪومت جو ان سان ڪيل واعدو پورو ڪندي سي ڊي اي جي تجويز تي ان جي وارثن کي پارڪ انڪليو اسلام آباد ۾ پلاٽ جو الاٽمينٽ ليٽر پيش ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قاضي عبدالرحمان امرتسري جي پاڪستان جي لا??ِ خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن، اهڙيون قومون ڪڏهن ترقي ناهن ڪنديون جيڪي پنهن??ي محسنن کي وساري ڇڏين. هن چيو ته اسلام آباد کي اسلام آباد جي سڃاڻپ ڏيندڙ اسڪول ٽيچر قاضي عبدالرحمان امرتسري کي قوم خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزيراعظم سي ڊي اي عملدارن کي ايندڙ 24 ڪ??اڪن ۾ باقي رهيل ڪارروائي ??ڪمل ڪري وارثن کي پلاٽ جو قبضو فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم ميڊيا خاص طور تي حامد مير کي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪرڻ تي ساراهيو. وزيراعظم سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.