اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ کانسواءِ ملڪي ترقي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي، ڏورانهن علائقن ۾ تعليم جي فروغ لاءِ ”اسڪول آن ويلز“ جو منصوبو اهم ڪردار ادا ڪري سگه?? ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسڪول آن ويلز منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي ڳال??ائ??ندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان منصوبي تحت شروعاتي طور تي 8 بسن تي اسڪول آن ويلز منصوبو اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي ٻارن کي موبائيل اسڪولز جي ذريعي تعليم فراهم ڪندو. وزيراعظم اسڪول آن ويلز منصوبي کي ساراهيندي چيو ته ??ن منصوبي سان ڳوٺن ۾ ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته هو اميد ڪر?? ٿو ته ??هي موبائيل اسڪولز ڳوٺن ۾ تعليم جو انقلاب آڻيندا ۽ ان سان هزارين لکين ٻار، جيڪي ڳوٺن جي گهٽين جي مٽيءَ ۾ گم ٿي وڃن ٿا، کي تعليم جي سهولت ملندي ۽ اهي پاڪستان جا عظيم معمار بڻجندا. وزيراعظم چيو ته ??ن منصوبي جو دائرو چئني صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير تائين ڦهلائڻ جو جائزو ورتو وڃي. ان سان وڏي ٻي ڪا قومي خدمت نه ٿي ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته هو ان منصوبي جي شروعات تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪر?? ٿو. وزيراعظم ان موقعي تي خصوصي طور تي ڊيزائن ڪ??ل بسن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ استادن ۽ ٻارن سان پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم موبائيل لائبريري جي منصوبي کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته ??ن سان ڏورانهن علائقن جي ٻارن کي گهر جي در تي لائبريري جي سهولت ملندي. وزيراعظم ان موقعي تي ٻارن سان گهلي ملي ويو ۽ انهن کان سوال جواب ڪيا.