اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 9 اپريل آچر ڏينهن صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏي?? آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن (1) 57 تحت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي لاءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو. صدر چيف اليڪ??ن ڪمشنر کي لکيل خط ۾ چي?? آهي ته اليڪ??ن ڪميشن ايڪٽ جي سيڪشن (2) 57 تحت اليڪشن جو پروگرام جاري ڪيو وڃي. صدر چيو ته هن آئين تحت آئين جي تحفظ ۽ دفاع جو حلف کني?? آهي جيئن ته ڪنهن به عدالتي فورم پاران ڪو منع نامو نه آهي تنهن ڪري سيڪشن (1) 57 تحت صدر جي اختيار جي استعمال ۾ ڪا رڪاوٽ نه آهي. هن چيو ته آئين ۽ قانون 90 ڏينهن کان وڌيڪ جي دير جي اجازت نٿو ڏي، ان لاءِ آئين جي خلاف ورزي کان بچڻ جي لاءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪر?? جو پنهنجو آئيني ۽ قانوني فرض ادا ڪر?? ضروري سمجهان ٿو. صدر چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا گورنرز صوبائي اسيمبلين جي تحليل کانپوءِ 90 ڏينهن جي اندر چونڊن جي تاريخ مقرر ڪر?? جي پنهنجي آئيني ذميواري ادا نه ڪري رهيا آهن. اليڪ??ن ڪميشن آف پاڪستان به پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي اسيمبلين جون چونڊون ڪرائڻ جي پنهنجي آئيني ذميواري پوريون نه ڪري رهي?? آهي، ان طرز عمل سان دير ۽ آئيني شقن جي خلاف ورزين جو سنگين خطرو پيدا ٿي رهي?? آهي. صدر چيو ته اليڪ??ن ڪميشن اڳ ۾ ئي آئيني عهديدارن جا نالا پنهنجي مختلف خطن ۾ چونڊن جي امڪاني تاريخن جو اشارو ڏئي چڪ?? آهي، انهن خطن ۾ 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪرائڻ جي اليڪ??ن ڪميشن جي ذميواري ظاهر ٿئي ٿي. هن چيو ته اسيمبلين جي عام چونڊن جي تاريخ جي اعلان لاءِ اليڪ??ن ڪميشن سان مشاورت جو سنج??ده عمل شروع ڪيو پر اليڪ??ن ڪميشن ان موضوع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. ان لاءِ صدر جي طور سيڪشن (1) 57 تحت حاصل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي صوبائي اسيمبلين جي عام چونڊن جي لاءِ 9 اپريل 2023ع آچر جي تاريخ جو اعلان ڪري رهي?? آهيان.