اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جي فارن سروس آفيسرن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو موقف بهترين انداز ۾ پيش ڪيو آهي، ??احولياتي تبديلين ب??بت موقف تي سڄي دنيا پاڪستان سان گڏ هئي، جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس جي موقعي تي عالمي برادري اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، مشڪل وقت ۾ دنيا پاران ساٿ ڏيڻ اسان جي بهترين ??رڏ??هي پاليسي جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فارن سروس اڪيڊمي ۾ 42 هين اسپيشلائيزڊ ڊپلوميٽڪ گريجوئيشن ڪورس جي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ??رڏ??هي وزير چيو ته پاڪستان ??احولياتي تبديلين ب??بت هر فورم تي آواز اٿاريو ۽ سڄي دنيا پاڪستان سان گڏ بيٺل رهي. هن چيو ته پاڪستان جي ??رڏ??هي پاليسي کي ملڪي مفادن موجب ٺاهيون ٿا. اسان کي ??رڏ??هي پاليسي سان گڏوگڏ هر ميدان ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي فروغ ڏيڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ گذريل سال ايندڙ خوفناڪ ٻوڏ کانپوءِ چين ۽ آمريڪا سميت مختلف ملڪن اسان جي ڀرپور مدد ڪئي، جنهن کانپوءِ جنيوا ۾ ماحولياتي تبديلين ب??بت ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس جي موقعي تي دنيا اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ??احولياتي تبديلين ب??بت هر فورم تي آواز بلند ڪيو. ??رڏ??هي پاليسي کي ملڪي مفاد موجب ٺاهيون ٿا. ??رڏ??هي وزير چيو ته منهنجي لاءِ تقريب ۾ شرڪت اعزاز جو سبب آهي. هن نوجوان سفارتڪارن کي ڪورس مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ڊائريڪٽر جنرل فارن سروس اڪيڊمي ۽ ان جي ٽيم به مبارڪباد جي مستحق آهي، جنهن ڪورس منعقد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ??رڏ??هي وزير چيو ته فارن سروس اڪيڊمي عالمي معيار جا سفارتڪار تيار ڪيا آهن. فارن سروس اڪيڊمي ۾ پاڪستان کانسواءِ دوست ملڪن جي سفارتڪارن کي به تربيت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ??لڪي ۽ عالمي سطح تي مشڪلاتن جي باوجود اڳتي وڌي رهيو آهي. اتحادي حڪومت پنهنجي مختصر عرصي ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جنهن ۾ ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ??اڪستان جي نڪرڻ کانسواءِ ڪوپ 27 ۾ ڪاميابي سان ??احولياتي تبديلين ب??بت هدف حاصل ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان کي جي 77 پلس چائنا گروپ جي سربراهي جو اعزاز به حاصل رهيو. هن چيو ته موجوده حڪومت سڀني عالمي پارٽنرز سان ??اڳاپن کي فروغ ڏنو. جڏهن ته جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس جو انعقاد پاڪستان جي ڪامياب ??رڏ??هي پاليسي جو مثال آهي. ??رڏ??هي وزير فارن سروس اڪيڊمي مان تربيت حاصل ڪندڙ آفيسرن ۽ ٻين شريڪ ٿيندڙن کي جيو پوليٽڪس، يوڪرين تڪرار ۽ دنيا کي هن وقت درپيش مسئلن سان گڏوگڏ اتحادي حڪومت جي ڪاميابي بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته گذريل سال خوفناڪ ٻوڏ سان اولهه کان اوڀر تائين دنيا پاڪستان سان گڏ بيٺل رهي. آمريڪا ۽ چين به مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. وچ اوڀر جي ملڪن سميت اسلامي ملڪن ۽ يورپي يونين کانسواءِ آسيان ??لڪن به پاڪستان جو ساٿ ڏنو، جيڪا ملڪ جي ??رڏ??هي پاليسي جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته گهٽ وسيلن ۽ وڌيڪ محنت سان ??اڪستان جي سفارتڪارن پنهنجون صلاحيتون مڃرايون آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي جديد ڪميونيڪشن، ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻو پوندو، جڏهن ته فارن سروس کي نئين گهرجن سان ??م آهنگي ڪرڻ سان گڏوگڏ ايڪسپورٽ مارڪيٽ کي ڳولڻ جي به ضرورت آهي. فارن سروس کي انتظامي ۽ ٻين شعبن ۾ بهتر بڻائڻ وقت جي گهرج آهي. پاڪستان جي سفارتڪارن کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا سان به هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??رڏ??هي وزير چيو ته فارن سروس اڪيڊمي ۾ نوجوان سفارتڪارن جي تربيت مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هڪ سفر ختم ٿيو آهي، جڏهن ته انهن جي لاءِ هڪ نئين سفر جي شروعات ٿي آهي. ??رڏ??هي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته فارن سروس اڪيڊمي اهڙا نوان گريجوئيٽس تيار ڪندي، جيڪي هر لحاظ کان ??ابل هوندا. تقريب جي پڄاڻي تي ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري فارن سروس اڪيڊمي مان ??ارغ ٿيندڙ گريجوئيٽس ۾ سرٽيفڪيٽس ۽ ميڊلز ورهايا. ان کان اڳ فارن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل اڪيڊمي اچڻ تي ??رڏ??هي وزير ۽ ٻين مهمانن جي آجيان ڪندي انهن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان جي ??رڏ??هي وزارت جي آفيسرن جي تربيت جي لاءِ هي ادارو اهم خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ نئين گريجوئيٽس جي لاءِ تربيتي پروگرام انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اڄ جي پروگرام ۾ 21 گريجوئيٽس کي سرٽيفڪيٽس ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته اداري کي مستقبل جي گهرجن سان ??م آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.