اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پ?? پي) انٽرنيشنل اٽا??ڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جو ڊائريڪٽر جنرل 15 ۽ 16 فيبروري ??ي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ??يان موجب رافيل ماريانو??رو??ي ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل اٽا??ڪ انرجي ايجنسي 15 کان 16 جنوري ??ائين پاڪستان جو دورو ڪندو. ڊي جي آءِ اي اي اي پ??هنجي ٻن ڏينهن جي دوري ??وران اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو ۽ جوهري ٽيڪنالاجي جي مختلف ادارن جا دورا ڪندو جن ۾ صحت، زراعت، صنعت ۽ بجلي جي پ??داوار جي شعبي جا ادارا شامل آهن. بيان موجب هي دورو پاڪستان ۽ آءِ اي اي اي کي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال جي شعبي ۾ جاري ??عاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا موقعا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پاڪستان 1957ع کان ايجنسي جو باني ميمبر آهي ۽ آءِ اي اي اي سان پراڻو ۽ گڏيل طور تي فائديمند تعاون ڪري ??هيو آهي.