اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ کي ساڙڻ ۽ بي حرمت?? جي ڪڌي فعل جي مذمت ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آه?? ته اها ان ڪڌي فعل جو نوٽيس وٺي انصاف جي فراهم?? جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي ۽ اهڙي طرح جي افسوسناڪ واقعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار جوڙي، سمورن مذهبن جي پيروڪارن جي مذهبي جذبن جو احترام ۽ تحفظ ضروري آه?? ۽ ڪنهن کي به اظهار جي آزاد?? جي آڙ ۾ ٻين مذهبن جي پيروڪار جي مذهبي جزبن کي ٺيس پهچائڻ ۽ انهن جي توهين ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ عالمي بين المذاهب امن ڪانفرنس بعنوان ”انسانيت جو احترام ۽ ان جي اهميت“ جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن اسلام جي اصولن تي عمل ڪرڻ تي زور ڏنو جنهن ۾ هر هڪ کي ٻئ?? جي مذهب ۾ مداخلت ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ، سياسي، سماجي، ثقافتي، قانوني ۽ مذهبي آزادين کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو آه??. صدر چيو ته اسلام سمورن مذهبن جي پيروڪارن جي عبادتگاهن جو احترام ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ جو درس ڏي ٿو. ان موقعي تي امن ۽ اهم آه??گي بابت بين المذاهب ڪائونسل جي چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد ۽ ڪميونٽي آف سينٽ ايگيڊيو جي باني پروفيسر ڊا??ٽر اينڊريا ريڪارڊي پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته رابطا عالم اسلام?? جي سيڪريٽري جنرل عبدالڪريم العيسيٰ وڊيو پيغام جي ذريعي خطاب ڪيو. تقريب ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين پروفيسر ڊا??ٽر قبله اياز پڻ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ مختلف مذهبن جي قومي ۽ عالمي اسڪالرز ۽ زندگ?? جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کانسواءِ سفارتڪارن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته دنيا جي سمورن مذهبن معاشري ۾ امن، سلامتي ۽ هم آه??گي جو درس ڏنو آه?? پر بدقسمتي سان مختلف مذهبن کي مڃيندڙ انهن تعليمات کي نظرانداز ڪري مخصوص مفادن، قوم پرستي، نسل پرستي ۽ سياسي بنيادن تي جنگ جو سهارو وٺن ٿا. صدر چيو ته اسلامي معاشري جو فرض آه?? ته اهو ٻين مذهبن جي مذهبي جاين جي حفاظت، انهن جي مذهبي اڳواڻن جو تحفظ ۽ احترام ڪري ۽ انهن کي قانون تحت برابر حق فراهم ڪري. هن چيو ته مسلمان معاشرن جي ذميواري آه?? ته اهي ٻين سمورن مذهبن کي مڃيندڙن جي عزت، آبرو، جان ۽ مال جي حفاظت ڪن. ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته مذهب کي غلط طور تي جنگ جي جو سبب قرار ڏنو وڃي ٿو پر تازي تاريخ ۾ اڪثر جنگيون انهن ملڪن پاران وڙهيون ويون جن وٽ علم، تعليم ۽ معلومات هئي ۽ اهي ترقي يافته هئا پر پوءِ به اهي پاڻ ۾ ۽ ٻين سان توسيع پسنداڻي ارادن ۽ ذاتي مفادن جي لاءِ وڙهندا رهيا. صدر چيو ته انسان پنهنجي ڀرپاس?? جي حقيقت مان مشاهدو ڪرڻ سان وڌيڪ سکي ٿو. آمريڪا ۽ سوويت يونين غلطي ڪندي ويٽنام ۽ افغانستان تي حملو ڪيو ۽ تلخ سبق سکيو پر جلد ئي وساري ويٺا ۽ افغانستان ۽ يوڪرين تي ٻيهر حملو ڪري ڏنو، يهودي هولوڪاسٽ جي دردناڪ تجربي مان گذريا پر اهي ئي يهود?? جيڪي هولوڪاسٽ جو شڪار ٿيا اهي پنهنجو تجربو وسري ويٺا ۽ اهي غلطين تي ظلم ۽ غيرانساني سلوڪ ڪري رهيا آه??. صدر سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ کي ساڙڻ ۽ بي حرمت?? جي ڪڌي فعل جي مذمت ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ان ڪڌي فعل جو نوٽيس وٺي ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي ۽ اهڙي طرح جي افسوسناڪ واقعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار جوڙي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سمورن مذهبن جي پيروڪارن جي مذهبي جذبن جو احترام ۽ تحفظ ضروري آه?? ۽ ڪنهن کي به اظهار جي آزاد?? جي آڙ ۾ ٻين مذهبن جي پيروڪارن جي مذهبي جذبن کي ٺيس پهچائڻ ۽ انهن جي توهين ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي. صدر چيو ته نفرت انگيز تقرير، تشدد تي اتساهيندڙ تقريرن، نسل پرستي ۽ تعصب کي سمورن فورمن تي روڪڻ ۽ انهن جي حوصلا شڪن?? جي ضرورت آه??. هن پناهگيرن سان امتيازي سلوڪ کي ختم ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته پناهگيرن سان انهن جي رنگ، نسل، مذهب يا جڳهه جي بنياد تي امتيازي سلوڪ نه ڪرڻ گهرجي. صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان 4 ڏهاڪن تائين بنا ڪنهن فرق جي 40 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، دنيا کي پاڪستان جي سخاوت ۽ تجربن مان سکڻ جي ضرورت آه??. ان موقعي تي پروفيسر ڊا??ٽر اينڊريا ريڪارڊي پڻ خطاب ڪيو ۽ افغان پناهگيرن جي پاڪستان ۾ ميزباني کي ساراهيو. هن چيو ته برادرين جي وچ ۾ مڪالما امن ۽ هم آه??گي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ضروري آه??. هن چيو ته مختلف مذهبن کي پرامن طور تي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آه??، اقليتن کي پنهنجي سڃاڻپ جو حق حاصل آه?? ڇو ته ان سان قوم جون بنيادون مضبوط ٿين ٿيون. هن چيو ته معاشر?? جي سمورين سطحن تي مڪالمي کي فروغ ڏيڻ گهرجي ۽ مختلف مذهبن کي ڀلائي ۽ انسانيت جي ڀلائ?? جي لاءِ مقابلو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مذهب دنيا ?? جنگين، تڪرارن ۽ نفرت کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. رابطا عالم اسلام?? جي سيڪريٽري جنرل عبدالڪريم العيسيٰ پنهنجي پيغام ۾ گڏيل بقاءَ، محبت ۽ انسانيت تي ٻڌل عالمي معاشر?? جي قيام تي زور ڏنو. هن چيو ته مذهبن ۽ مذهبي عقيدن ۾ عظيم تنوع جي پٺيان الله تعاليٰ جي حڪمت لڪل آه?? ۽ ماڻهن کي ان جي حڪمت کي سکڻ ۽ اختلافن ۽ نظرين جي فرق جي باوجود هڪ ٻئي سان امن ۽ هم آه??گي سان رهڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته مختلف مذهبي برادرين کي نفرت ۽ اختلافن کي فروغ ڏيڻ بدران هڪ ٻئي سان گڏ اچڻ ۽ پنهنجي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ضرورت آه??. مولانا عبدالخير آزاد ان موقعي تي نفرت انگيز تقريرن جي روڪٿام جي لاءِ عالمي قانونن جي قيام تي زور ڏنو. هن چيو ته دنيا هڪ گلوبل وليج بڻجي چڪي آه?? ۽ مختلف خيال رکندڙ ماڻهن کي پرامن طريقي سان گڏجي رهڻ جي لاءِ سکڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته پاڪستان محبت، رواداري، مهمان نوازي جو جهنڊو کڻندڙ ملڪ آه?? ۽ هن دهشتگردي ۽ مذهبي انتهاپسند?? جي خلاف جنگ وڙهي آه??. هن چيو ته پاڪستاني عالم سڳورن خودڪش حملن، دهشتگردي ۽ انتهاپسند?? جي خلاف متفقه فتويٰ جاري ڪئي آه??. ان کان اڳ صدر مختلف مذهبن جي نمائندن ۾ امن، هم آه??گي ۽ احترام انسانيت جي لاءِ انهن جي ڪوششن تي ايوارڊ ورهايا.